اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئرمين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان ج?? صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ ??اپ??ري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. فورم ويڪسين ج?? خريداري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو، پاڪستان پاران خريد ڪيل هڪ ملين سائنوفارم ويڪس??ن ملي چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي مقرر ڪيل ويڪسينيشن هدفن ج?? ڀرپور پيروي ڪئي وڃي.