اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 7.8 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف 19 شين تي سبسڊي ڏني ويندي ج??هن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌر?? فواد حسين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته هٿيارن جي لائيسنسنگ جي حوالي سان ڪجهه هفتن ۾ پاليسي سامهون ايندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي خلا?? ڪارروائي ٿيندي، پي ڊي ايم سياسي يتيمن جو گروهه آهي. وزيراعظم ??مران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 7.8 ارب رپين جي رمضان پئڪيج جي منظوري ڏني آهي.