اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي 2020ع جي دوران ڪورونا جي صورتحال جي باوجود گڏيل اجلاسن سميت 123 ڏينهن ڪم ڪيو ۽ ان ??وران 58 سرڪاري بل ۽ 14 آرڊيننس پيش ڪيا جڏهن ته 31 سرڪاري بل منظور ٿيا، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب پهرين جنوري 2020ع کان 31 ڊسمبر 2020ع تائين ??ومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي تي اطمينان ??و اظهار ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صرف موث?? قانونسازي ۽ پارليامينٽ جي نگراني ئي ملڪ کي درپيش سڀني معاشي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته دنيا ۾ ڪووڊ – 19 جي وبائي مرض جي ڪري سامهون ايندڙ سنگين چ??لي??جن جي باوجود 2020ع ۾ قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي، هن چيو ته موجوده حڪومت پارليامينٽ جي بالادستي تي يقيني رکي ٿي ۽ عوامي نمائنده هجڻ جي حيثيت سان پارليامينٽ جا ميمبر موث?? قانونسازي جي ذريعي عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا، اسپيڪر ان ??واهش جو اظهار ڪيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي عوام جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪن. اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب 2020ع جي سال ۾ ڪووڊ – 19 وبائي مرض سڄي دنيا ۾ زندگي جي معاملن کي بري طرح متاثر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان ??ه شامل آهي، ڪووڊ -19 جي ڪري درپيش چ??لي??جن جي باوجود قومي اسيمبلي ثابت قدمي سان قوم سان ڪلهو ڪلهي ۾ملائي بيٺل رهي ۽ ملڪ ۾ معاشرتي ۽ معاشي چ??لي??جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي، ايوان قومي اهميت جي معاملن ۽ التوا وارين رٿن جي ذريعي بحث ۽ ميمبرن پاران پڇيل سوالن ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي معاملن تي ڌيان ڏنو، سال 2020ع دوران ??يوان ??ي قانونسازي جي شعبي ۾ ايوان ??ي ڪارڪردگي ذڪر جوڳي رهي.