اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري حماد اظهر، واپار واري صلاحڪا?? عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽ?? عبدالحفيظ شيخ، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خصوصي معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري، ايف بي آر جو چيئرمين جاويد غني، پي ٽي اي جو چيئرمين ميجر (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.