اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معيشت مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو، اسان اقتصا??ي طور تي هر صحيح رخ ۾ گامزن هئاسين پر ٻين ملڪن وانگر اسان جو ملڪ ??وويڊ – 19 کان متاثر ٿيو، ڪورونا سان معيشت متاثر ٿي ۽ اها غيرمتوقع صورتحال هئي، لاڪ ڊائونز جي صورتحال ??و ان کان اڳ ڪنهن کي ب?? تجربو نه هو. عالمي اقتصادي فورم جي انتظام هيٺ ڪوويڊ – 19 کي منهن ڏيڻ ۽ معاشي بحالي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي حوالي سان ”پاڪستان اسٽريٽجي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ، عوام کي ب??ماري کان تحفظ ۽ ماڻهن کي بک سان مرڻ کان بچائڻ جي لاءِ ق??م کنيا.