اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت چيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جي حوالي سان تجويزن غور هيٺ آهن تنهن هوندي به ان حوالي سان حتمي فيصلو 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو، ڪورونا وبا کان حالتون ??هتر ٿيڻ جي صورت ۾ تعليمي ادارا پراڻي شيڊول تي اچي ويندا، اسڪول کولڻ کانپوءِ ٽيچر ۽ هيڊ ٽيچر جو ڪردار اهم هوندو، لرننگ بهتر ڪرڻ جي لاءِ اسان وٽ بهتر تجويزون ??چي رهيون ??هن، ڪووڊ – 19 جي صورتحال پهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، ??ها بيماري اڃان ختم ناهي ٿي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڃان به موجود آهي، ??يس او پيز تي عملدرآمد جي ضرورت آهي، ڪلاسز جي سائز کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي، گهٽ قوت مدافعت وارن ٻارن کي پهرين مرحلي ۾ اسڪول نه موڪليو وڃي، ??ماجي فاصلي، ما??ڪ جو استعمال ۽ باقاعدگي سان هٿ ڌوتا وڃن، تعليمي ادارا کولڻ سان والدين ۽ استادن جي ذميداري وڌيڪ وڌي ويندي، ??هڙن خيالن جو اظهارن تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلط??ن اين سي او سي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.