اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪش??ير جي خاص حيثيت جي خاتمي جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني قدم جي خلاف سڄي ملڪ ۾ اڄ اربع ڏينهن استحصال جو ??ها??و ملهايو ويندو. ان موقعي تي ڪش??يري?? سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ وزيراعظم عمران خان مظفرآباد ۾ قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ مظفرآباد ۾ ئي ريلي جي قيادت ڪندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد ۾ ڪش??يرين جي حمايت ۾ ريلي جي قيادت ڪندو. شهر شهر گهٽيءَ گهٽي ان قدم خلاف ريليون ڪڍيون وينديون. بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي نش??ن پاڪستان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويندو. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي صدر، وزيراعظم، چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي نگران وڏي وزير، صدر، آزاد ڪش??ير جي وزيراعظم جا خاص پيغام نشر ڪيا ويندا. وزيراعظم جي آزاد ڪش??ير قانونساز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب جي موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ۽ ٽريفڪ روڪي ويندي. چئني صوبن گلگت بلتستان ۾ گورنرز ۽ وڏن وزيرن جي قيادت ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪندي يڪجهتي واريُون ريليون ڪڍيون وينديون. ان ڏينهن کي استحصال جو ??ها??و ڪري ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم ۽ ان جي آر ۾ هڪ سال ۾ ڪش??ير ۾ جاري فوجي گهيراءُ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ کان آگاهه ڪرڻ آهي. ??بح 10 وڳي سائرن وڄايا ويندا. گڏيل قومن جي مبصر مشن کي سيڪريٽري جنرل جي نالي ياداشت پڻ پيش ڪئي ويندي. پوسٽل سروسز واري وزارت پاران خصوصي پوسٽ جي ٽڪلي جاري ڪئي ويندي جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم سان ناني جي شهادت کانپوءِ ان جي ميت جي مٿان ويٺل سندس ٽ?? سالن جي ڏوهٽي جي تصوير عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ ڇاپي وئي آهي. سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ان ڏينهن جي حوالي سان خاص تقريبون ٿينديون. اهو ڏينهن ڪش??ير جي تاريخ جو هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي. جڏهن ڪش??يرين کان انهن جا بنيادي حق ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ مليل خاص حيثيت جي خاتمي جو غيرقانوني ۽ هڪطرفو قدم کنيو ويو.