اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقر??ب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مو??ي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آهي، زند??ي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم ??ي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بح??ان درپيش آهي.