اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال، روڪٿام جي حوالي ??ان کنيل قدمن، تعميرات جي شعبي جي فروغ ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام جي حوالي ??ان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.