اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توانائي جو شعبو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ اهم اهميت رکندڙ آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجلي جي ??راهمي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ماضي جي حڪوم??ن طرفان ڪيل معاهدن، وقت سر انتظامي سڌارن کي هڪ پاسي رکڻ سا?? توانائي جي شعبي ۾ مختلف چئلينجز درپيش آهن جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، عوام جي ??شڪلاتن جو چڱي ريت اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجلي جي ??يمتن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي ??گهي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي ??يمتن ۾ ممڪن گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سا?? پنهنجي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو