ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻارن کي ان جو احساس نه آهي، پاڪستان ۾ ٻيلن کي اکين سان تب??هه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مق??مي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻيلن تي قبضو ڪندڙن کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪستان مهم تحت بها?? موسم جي وڻڪاري مهم جي افت??اح?? تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مق??د جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.