اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن (رٽائرڊ) شاهد اشرف تارڙ ??ي فوري طور تي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو. ايو??ن صدر جي پريس ونگ موجب شاهد اشرف تارڙ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور ڪم ڪري رهيو آهي. صدر فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي 17 جنوري 2024ع تائ??ن ڪئي. مقرري آئين جي آرٽيڪل 48 (1) ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن آرڊيننس 1977ع جي سيڪشن 3 (3)، 4 (1) ۽ 5 – اي تحت ڪئي وئي.