اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته راندين جي ش??بي جي لاءِ 5 ارب رپيا رکيا آهن، ٻيهر موقعو مليو ته تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين، نوجوان ڪنهن ??ه ملڪ جو سرمايو هوندا آهن، محدود وسيلن جي باوجود نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، پوري قوم ملڪ جو نالو روشن ڪندڙن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل ڏينهن 60 ڪروڙ ڊالر جو اضافو ٿيو، دوست ملڪن جي معاونت سان معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، نوجوانن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو، نوجوانن جي لاءِ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وز??راعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، بين الصوبائي رابطن وارو وفاقي وز??ر احسان الرحمان مزاري، وز??راعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه کانسواءِ رانديگرن جو وڏو انگ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وز??راعظم چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن پنهنجي محنت سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمايو آهيج نهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. گهٽ وسيلن جي باوجود پنهنجي ٽرينرز، ڪوچ ۽ والدين جي دعائن سان پاڪستان جو دنيا ۾ نالو روشن ڪيو. پاڪستان ٻين ميدانن ۾ جيڪڏهن سستي ڏيکاري آهي ته انهن نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو جهنڊو پوري دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وز??راعظم چيو ته اڄ 5 ارب رپين جو وز??راعظم فنڊ جو اعلان وفاقي وز??ر احسان الرحمان ڪيو. وفاقي وز??ر ۽ خاص معاون تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. ان 5 ارب رپين ۾ رانديگرن جي ٽڪيٽس، لاجسٽڪس، رهائش ۽ ڪٽس شامل هونديون. اهي 5 ارب رپيا پوري ملڪ جي لاءِ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن. ڪروڙين نوجوانن کي جيڪڏهن صحيح ماحول ۽ سهولتون ملي ته دنيا جي بهترين ٽيمن کان اهي اڳتي نڪري سگهن ٿا. وز??راعظم چيو ته اميد آهي ته ايندڙ حڪومتون ان بجيٽ کي وڌائينديون. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 60 ڪروڙ ڊالر جو گذريل ڏينهن اضافو ٿيو آهي. چين جي بئن?? اها رقم رول اوور ڪئي، اها معمولي ڳالهه نه آهي، اسان احسان ڪندڙن کي ياد رکون ٿا. وز??راعظم چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن. اسان جي دعا آهي ته انهن ذخيرن ۾ قرضن بدران اسان جي رت پگهر ۽ محنت سان اضافو ٿئي. اسپيشل اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پنهنجي ٻارن کان اسان کي سبق ۽ همت حاصل ڪرڻ گهرجي. اهي ٻار هر ش??بي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي رهيا آهن، انهن جي ئي محنت جي ڪري پاڪستان اڳتي وڌندو. وز??راعظم يقين ڏياريو ته جيڪڏهن الله ٻيهر موقعو ڏنو ته قوم جي انهن ڪروڙين ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم، فني تعليم ۽ راندين جا ميدان ٺاهڻ ۽ سجائڻ ۾ جيترا وسيلا گهربل هوندا مهيا ڪنداسين. اهو سڀ الله ۽ ان کانپوءِ قوم جي هٿ ۾ آهي. وز??راعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون شزا فاطمه خواجه خطاب ڪندي چيو ته مسلم ليگ (ن) راندين جي فروغ کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکيو آهي، شهباز شريف بطور وز??راعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس کي بحال ڪيو آهي. حڪومت ٽيلينٽ هنٽ ڪرايا آهن. هن مهيني جي آخر ۾ قومي سطح تي مقابلا هوندا. اسپورٽس انيشي ايٽو تحت راندين جي فروغ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا. انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي ان ۾ هر سال اضافو ٿيندو. ان سان اڳوڻي رانديگرن کي ??ه مالي امداد ملندي. فوري طور تي خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ اڍائي ارب رپيا رکيا ويا آهن. اسلام آباد ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي. تقريب کي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وز??ر احسان الرحمان مزاري خطاب ڪندي چيو ته گذريل چار سالن ۾ راندين جي ش??بي کي نظرانداز ڪيو ويو. محدود وسيلن جي باوجود راندين جي ش??بي جي بهتري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.ر اندين جو انفراسٽرڪچر بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسپورٽس انيشي ايتو موجوده حڪومت جي راند دوستي جو ثبوت آهي. وز??راعظم ان موقعي تي چترال سان تعلق رکندڙ ٽيبل ٽينس جي اسپيشل رانديگر الطاف الرحمان کي اسپورٽس ويل چيئر جي خريداري جي لاءِ ساڍا 3 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وز??راعظم اسپيشل اولمپڪس ۾ تمغو حاصل ڪندڙ رانديگرن کي 50 لک رپين جو چيڪ ڏنو. وز??راعظم ان موقعي تي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو افتتاح پڻ ڪيو.