ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي فوج بپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جي پيش نظر سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ?? امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، جڏهن ته 64 مهاڻن کي ??منڊ مان ريسڪيو ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ نيوي سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي پيش نظر سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ?? ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ بروقت مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجن سڀني اثاثن س??ن هر وقت تيار آهي. پاڪ نيوي جي دستن شاه بندر سان لاڳاپيل ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ۽ 64 مهاڻن کي ??منڊ کان ريسڪيو ڪيو. بدلجندڙ صورتحال ۽ هر وقت امدادي ڪارروائين جي نگراني لاءِ هيڊڪوارٽر ڪمانڊر ڪراچي ۾ سائيڪلون مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ڇڏيو. پاڪ نيوي جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي جاري ڪيل هدايتن موجب سڀني اسٽيڪ هولڊرز ??اص ڪري مهاڻن کي ??ونهي ۽ کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪ نيوي جي ا??مرجنسي رسپانس ۽ طبي ٽيمون بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ?? صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ فوري ا??داد فراهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. پاڪ نيوي جا جهاز کليل سمنڊ ۾ گشت دوران س??مونڊن ۾ ڦاٿل ٻيڙين کي مدد فراهم ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. ڪراچي ۾ پاڪ نيوي جي اسپتالن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان بپر جواءِ کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ پاڪ نيوي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن س??ن لڳاتار رابطي ۾ آهي ته جئين ضرورت جي پيش نظر بروقت مدد فراهم ڪري سگهجي.