مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان سهولت ذ??يع?? جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مديني منوره جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذ??يع?? پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، تر??ي ۽ پهريون ڀي??و ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کان سعودي عرب آ??ل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آ??د کانپوءِ ان قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذ??يع?? اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سفر بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذ??يع?? مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.