اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شروعاتي تعليم شخصيت جي تعمير ۽ ٻارن جي ڪيريئر جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان لرننگ ڪانفرنس بهترين عا??مي طريقن موجب ٻارن کي ??ااختيار بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻار پنهنجي تعليمي سفر جي شروعاتي مرحلي ۾ سماجي طرز عمل جي بنيادي اصولن ۽ قدرن کي ??ختيار ڪن ٿا. پاڪستان لرننگ ڪانفرنس 2023ع منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد ٻارن کي ??المي طريقن موجب بااختيار بڻائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو ڪانفرنس ۾ ش??ڪت ڪرڻ ۽ مختلف پس منظر سان تعلق رک??دڙ اسڪالرز ۽ پاليسي سازن جي مختلف موقف کي ٻڌڻ جو تمام گهڻو خواهشمند هو پر پيرس ۾ عا??مي مالياتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪري ائين نه ڪري سگهندس جڏهن ته هو ڪانفرنس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو ۽ ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر ۽ خوشگوار مستقبل جي تعمير جي لاءِ ان جي سفارشن جو منتظر آهي.