ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري منڊي بهاءُ الدين جي پارٽي اڳواڻ بشير نوشاهي سان سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي ت?? افسوس ۽ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊ??ا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري مرحومه جي لاءِ جنت ال??ردوس ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.