اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) خاتون ا??ل بيگم ثمينه علوي خصوص?? ماڻهن تي زور ڏنو آهي ته اهي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ضرور ٺهرائين، ان سان ا??هن کي حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن م??ن فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذورن جي حقن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. خاتون ا??ل کي معذورن جي حقن واري ڪائونسل جي مينڊيٽ ۽ خصوص?? ماڻهن کي ڏني ويندڙ خدمتن بابت ٻڌايو ويو. هن چيو ته خصوص?? ماڻهن کي ون ونڊو آپريشن جي ذريعي معذوري سرٽيفڪيٽ ۽ نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي، خصوص?? ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين، ان سان حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن م??ن فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. بيگم ثمينه علوي چيو ته خصوص?? ماڻهو پنهنجي ڪوٽا موجب سرڪاري نوڪريون حاصل ڪري سگهن ٿا، سڄي پاڪستان ۾ خصوص?? ماڻهن جي چرپر آسان بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، بازارن، شاپنگ سينٽرز ۽ عوامي جاين تائين خصوص?? ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي. خاتون ا??ل چيو ته نجي شعبي ۾ خصوص?? ماڻهن جي نمائندگي وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جو تعاون ضروري آهي.