اسلام آباد – 31 – مئ?? (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل ??ومن جي تعاون سان گڏيل ??ومن جي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي ??اء?? هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن 1960ع کان هيستائين گڏيل ??ومن جي 46 مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انهن مان 171 پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس موجب جاري گڏيل بيان موجب پاڪستان گڏيل ??ومن جي امن قائم ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ دستا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جتي هن وقت ??ٽڪ?? 4334 فوجي ۽ پوليس اهلڪار سڄي دنيا ۾ 9 جاين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي گڏيل ??ومن جي امن مشن ۾ پنهنجي پراڻي وابستگي ۽ حصيداري تي فخر آهي. مملڪتي وزير پوري دنيا ۾ امن جي گڏيل ??دفن کي اڳتي وڌائڻ جي ??اء?? گڏيل ??ومن جي امن دستن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گڏيل ??ومن جي امن قائم ڪرڻ جي ??اء?? پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي نٽ اوسٽبي گڏيل ??ومن پاران ڳالهائيندي چيو ته هن وقت امن دستن سان واڳيل 80 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو انتهائي اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسان پاڪستان جا به ٿورا مڃون ٿا جيڪو عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ ۾ پنجون سڀ کان وڏو تعاون ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته گڏيل ??ومن کي ٽن ٿنڀن تي ڪم ڪرڻ جي ??اء?? بڻايو ويو ويو جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن ۾ امن، ترقي ۽ انساني حق شامل آهن. هن چيو ته اسان امن کي ماڻهن جي وچ ۾ افهام تفهيم، دنيا کي اڳتي آڻڻ جي ??اء?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش طور ڏسون ٿا. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حڪومت، غيرملڪي سفارتخانن، گڏيل ??ومن جي ايجنسين ۽ ترقياتي حصيدارن جي نمائندن جي موجودگي ۾ پاڪستاني امن دستن ۽ گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي ڪم جي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گڏيل ??ومن جا نمائندا، پرڏيهي وزارت ۽ آرمي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي پاليسي سطح جي اعليٰ عملدارن ۽ گڏيل ??ومن جي مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هڪ عورت جنهن جمهوريه ڪانگو ۾ پاڪستاني امن دستي ۾ شرڪت ڪئي هئي، سان ٻه بحث سيشن به شامل ڪيا ويا هئا. پينلسٽس گڏيل ??ومن جي امن قائم ڪرڻ جي اهم ڪردار، ان جي ارتقا ۽ ان عظيم ڪوشش ۾ پاڪستان جي تعاون بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. گذريل ??فتي نيويارڪ ۾ گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 4200 کان وڌيڪ گڏيل ??ومن جي امن فوجين جي ياد ۾ گلن جي چادر چاڙهي جن 1948ع کان وٺي هيستائين امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا جن ۾ 171 پاڪستاني شهري به شامل هئا. انتونيو گوٽريس هڪ تقريب جي صدارت ڪئي جنهن دوران 103 فوجي، پوليس ۽ سويلين امن دستن کي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ”ڊيگ همارسڪ جولڊ“ ميڊلز سان نوازيو ويو جن ۾ 8 پاڪستاني به شامل آهن جن گذريل سال امن برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا. پنهنجي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل ??ومن جا امن دستا پرامن دنيا جي ??اء?? اسان جي عزم جو ڌرڪندڙ دل آهي، انهن 75 سالن کان سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ وڳوڙ کان متاثر ماڻهن ۽ ڪميونٽيز جي حمايت ڪئي آهي، اڄ گڏيل ??ومن جي امن دستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان عالمي امن ۽ سلامتي جي ??اء?? انهن جي غيرمعمولي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي سطح تي 87 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ وچ اوڀر جي 12 تڪراري علائقن ۾ امن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. گڏيل ??ومن جا امن دستا سلامتي، سياسي ۽ امن سازي ۾ مدد فراهم ڪن ٿا ته جيئن ملڪن کي تڪرارن کان امن طرف منتقلي ۾ مدد ملي سگهي. 1948ع کان وٺي هيستائين 125 ملڪن جي 20 لک کان وڌيڪ امن دستن سڄي دنيا ۾ 71 آپريشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. گڏيل ??ومن جي امن دستن جو عالمي ڏينهن هر سال 29 مئ?? تي ملهايو وڃي ٿو، جيڪو گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي 2002ع ۾ قائم ڪيو هو. گڏيل ??ومون امن قائم ڪرڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورين عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن امن جي ??اء?? پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا.