اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل ??ي حملي ڪندڙن کي سزا جمهوري احتجاج ۽ رياست ??ي حملي ۾ فرق ظاهر ڪري ٿي، قومي علامتن ج?? بي حرمتي ڪا به رياست برداشت ن?? ٿي ڪري سگهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئين ۽ قانون پائمال ڪري قومي علامتن ج?? بي حرمتي آمريڪا ۾ ٿئي، برطانيا يا پاڪستان ۾، ان کي ڪا به رياست برداشت ن?? ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند جٿن ج?? وڪيلن ۽ ٺيڪيدارن کي آمريڪا کان ئي جواب ملي ويو آهي.