اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي ف??رس?? تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آ??ي ته خودڪش ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي ف??رس?? ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آ??ي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيڪ ??وس?? تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا هيرو آ??ن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد رکندي. هن چيو ته مون کي شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.