اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو ??ملڪتي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو ??ملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آه??. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو ??زير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو ??ملڪتي وزير ??يٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آه??. اميد آه?? ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.