اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبل?? ڪنوينش?? آئين جي نصاب ۾ شموليت جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي، اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قرارداد پيش ڪئي. قرارداد پيش ڪرڻ کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر، ڪميٽ?? ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ڪري پهريون ڀيرو باقاعده پارليامينٽ مان قرارداد پيش ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي نصاب ۾ آئين، جمهوري قدرن، روايتن ۽ آئيني نظام کي نصاب شامل ڪيو پيو وڃي، هي تاريخي ڏينهن ان لاءِ به آهي ته تاريخ جو رخ صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، حقيقي تاريخ پاڪستان جي عوام کان لڪايل اسان ان کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽس جو سفر شروع ڪيو هو اڄ ان جو تاريخي رخ مڪمل ٿي رهيو آهي، پهريون ڀيرو ينگ پارليامينٽري ايسوسيئيٽيس 250 تائين پهچي چڪي آهي، اسڪول ۽ يونيورسٽي جا ٻار پارليامينٽ ۾ انٽرنشپ ڪن ٿا. قرارداد پيش ڪندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ه?? ڪنوينشن متفقه طور تي عزم ڪري ٿو ته آئين ۽ جمهوري شهري تعليم کي صوبائي حڪومتن ج?? ڪنٽرول هيٺ سمورن اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيتي ادارن جي نصاب ۽ تعليمي ??رگرمين جو لازمي ??صو بڻايو ويندو. 1973ع جي آيئن ۾ ڏنل بنيادي حقن، پاڪستان ۾ آئيني ۽ جمهوري اڳڀرائي جي غيرجانبداراڻي اظهار سان گڏ صوبن جي اسڪولن/ ڪاليجن/ يوينورسٽين ۾ پڙهايا ويندڙ لاڳاپيل مضمونن جي نصاب ڪتب (جهڙوڪ پاڪستان اسٽڊيز، هسٽري، يا سوشل اسٽڊيز، اردو، انگريزي يا ڪو ٻيو) ۾ شامل ڪيا ويندا تعليمي ڪئمپسز ۾ غير ۽ هم نصابي سرگرميون پاڪستان ۾ پارلياماني جمهوريت، بنيادي حقن ۽ آئيني نظام بابت موضوعن کي استحقاق ڏينديون. عوامي ??دمت جا نشرياتي ادارا ۽ آزاد نج?? ميڊيا پنهنجي عوامي ??دمت جي ذميوارين تحت شهرين ۽ رياست جي وچ ۾ هڪ فعال معاهدي طور تي آئين ۽ ان جي موزونيت بابت افهام تفهيم وڌائڻ جي لاءِ مناسب وقت وقف ڪندا. صوبائي حڪومتو?? آئين جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي تحفظ جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستاني عوام تائين پهچ حاصل ڪنديون. هي ايوان 18 هي?? آئيني ترميم تحت ا?? آئيني شق جي حقيقي روح کي برقرار رکڻ جو عزم ڪري ٿو جنهن تحت تعليم جو موضوع صوبن کي ڏنو ويو آهي. ان لاءِ هي ايوان صوبائي حڪومتن تي زور ڏي ٿو ته اهي ضروري ڪارروائي ۽ گهربل ضروري ڪم ڪن. وفاقي حڪومت سمورين صوبائي حڪومتن ۽ وفاقي اڪائين جي حڪومتن تي زور ڏيندي ته اهي ان قرارداد تي عملدرآمد ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته آئين جي اهميت ۽ ان جي نمايان نقطن جو مطالعو خاص طور تي انساني حقن (ٻارن، عورتن، اقليتن، مناسب عمل ۽ عالمي ??نساني حقن جي ذميوارين) ۽ اختيارن جي تثليٽ بابت ڪورسز صوبن جي سمورن تعليمي ??دارن جي نصاب ۾ شامل هجن. ڪنوينشن ان قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.