اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 1940ع ۾ اڄ جي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن قرارداد پاڪستان منظور ڪئي ۽ هڪ جدا وطن جو مطالبو ڪيو، جتي اهي اسلامي نظرين موجب آزادي سان پنه??جي زندگي گذاري سگهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2023ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنه??جي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان باني پاڪستان جن جي جدوجهد ۽ قرباني ??ي ڪري پاڪستان وجود ۾ آيو، کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ظلم ۽ ڏاڍ، هندوتوا واري وڌندڙ لهر ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد، انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران جاري ظلم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان وقت جي مسلمان قيادت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هي ڏينهن هڪ قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهن??ي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ جي به ياد ڏياري ٿو. آزادي جي وقت اسان مهاجرن جي آبادڪاري ۽ بحالي، نئين وجود ۾ رياست جي آئيني ۽ انتظامي مسئلن، سلامتي ج?? خطرن، نئين رياست کي مضبوط سماجي، اقتصادي ۽ صنعتي بنيادن تي قائم ڪرڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جهڙا ڪيترائي چئلينجز درپيش هئا، انهن چئلينجز جي باوجود اسان پنه??جي مسلسل محنت ۽ قابليت سان هر شعبي ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته اسان رياستي ادارا قائم ڪيا، پنه??جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو، ائٽمي صلاحيت حاصل ڪئي، ده??تگردي ۽ ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آندو ۽ قدرتي آفتن دوران قرباني ۽ تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪيو. صدر چيو ته اسان کي قانون جي حڪمراني يقيني بڻائڻ، جمهوريت کي مضبوط بڻائڻ، پنه??جي معاشري ۾ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، خصوصي ماڻهن جي حقن جي فراهمي، ده??تگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي، پنه??جي شهرين جي انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسان ??ي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي منهنجو پڪو يقين آهي ته اسان پاڪستان کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان اتحاد، اي??ان ۽ نظم ۽ ضبط سان ڪم ڪندا رهنداسين ته اسان پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائي سگهون ٿا. الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.