پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آر ايڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي مع??ملن ??اري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس مع??م جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا??ُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ جي مختلف ??ار??ز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.