لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان رو?? جي توانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملا??ات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئ?? جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي و??ير??عظم روس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملا??ات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملا??ات ۾ پاڪستان ۽ رو?? جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. رو?? جي توانائي وزير و??ير??عظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ رو?? جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئ?? جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. و??ير??عظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلا?? جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملا??ات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ و??ير??عظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.