اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ پاڪ ايران سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سان پاڪ فوج جي چئن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جا حوصلا مضبوط آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پنهنجي بيان ?? اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ ج?? واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد علي، لانس نائيڪ فريد الله خان، لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ لانس نائيڪ محمد يونس خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ش??يد?? جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فائرنگ ج?? واقعي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.