اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ آءِ ٽي روانگ?? واپار 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي، آءِ ٽي انڊسٽري پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ٿيو. وزيراعطم حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳا??يل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي ??لاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روانگ?? واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاطري ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ۾ حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ ٻين لاڳا??يل ادارن جا نمائندا شامل هوندا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي ??لاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽر پرينيورز آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽرز جو روانگ?? واپار پاڪستان ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي ٽيلنٽ ۽ صلاحيت جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي روانگ?? واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ايڪسپورٽرز جن آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن کي حڪومتي سطح تي ساراهيو ويندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن اجلاس کي پنهنجي آپريشنل مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن مسئلن جي حل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳا??يل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاطري ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جو انگ 6 لک مان وڌائي 15 لک ڪ??ڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن، يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارا ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪن. وزيراعظم آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير امين الحق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، سيد فه?? حسين، شيزه فاطمه، اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي.