اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي و??ير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي و??يرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد اي??نڊ?? تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي و??جايو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ ب??ڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي و??ير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي و??ير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي و??ير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ ن??ين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي و??جايو.