شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي عراق، تاجڪستان، انڊونيشيا جي صدرن ۽ لبنان جي وزيراعظم ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مصر ۾ موسمياتي تبديلين جي عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪس??ان ۾ ٻوڏ متاثرين جي ??دد لاءِ ڪوششن تي وزيراعظم شهباز شريف سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو، عالمي اڳواڻن وزيراعظم جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مسلسل موجودگي کي غيرمعمولي جذبو قرار ڏنو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف مصروف ڏينهن گذاريو. هن ڪوپ 27 سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي شرم الشيخ ڪانگريس سينٽر ?? اهم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان عراق جي صدر عبداللطيف راشد، تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمان، انڊونيشيا جي صدر جوويدود جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سان لبنان جي وزيراعظم نجيب ميڪاتي پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته کاڄرو تيل جي فوري پهچ تي توهان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. انڊونيشيا جي صدر چيو ته پاڪس??ان اسان جو ڀاءُ آهي، هر ممڪن ??دد تي خوشي ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته تاجڪس??ان جو صدر هل??دڙ سال ڊسمبر ۾ پاڪس??ان ايندو. ٻنهي اڳواڻن ۾ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻي??دڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. غيرملڪي اڳواڻن پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان ٿي??دڙ تباهين ۽ جاني نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلين سان پوري دنيا متاثر ٿي رهي آهي، ان جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي ??دد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ عالمي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.