اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد ر??اس?? جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ر??اس?? جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ر??اس?? جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سف?? اڃا جاري آهي. ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لکين غيرر??اس??ي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيرر??اس??ي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀ??و زرداري دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت جي ر??اس??ي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي.