اوسته محمد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽ??ي جنرل انتونيوگوتريس ڇنڇر ڏينهن جعفرآباد ضلعي جي ٻوڏ ??بب بري طرح متاثر علائقي اوسته محمد جو دورو ڪيو. بلوچستا?? جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽ??ي جنرل کي چوماسي جي تازين برساتن ۽ ٻوڏ، ٻوڏ کانپوءِ سموري صوبي ۾ امداد ۽ بحالي جي ڪوششن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽ??ي جنرل کي ٻڌايو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۾ مشڪلاتون درپيش آهن، هن ٻڌايو ته ٻوڏ ??بب بنيادي ڍانچي، رستن ۽ رابطي جي پلن کي شديد نقصان پهتو آهي، وزيراعظم چيو ته ٻوڏ ??بب متاثر ماڻه?? جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، وفاقي حڪومت رليف جي سرگرمين ۾ صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي تنهن هوندي به ايتري وڏي چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ ل??ءِ عالمي برادري کي پاڪستا?? جي مدد ل??ءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال صوبو آهي ۽ سندس حڪومت بلوچستا?? جي ترقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. بلوچستا?? جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ان موقعي تي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽ??ي جنرل کي ٻڌايو ته ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪوششن ل??ءِ صوبائي حڪومت پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن ٻوڏ متاثر ماڻه?? جي امداد ل??ءِ عالمي برادري کان امداد جي اپيل ڪئي، ان کان اڳ اوسته محمد پهچڻ تي بلوچستا?? جي وقتي گورنر ۽ وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو وزيراعظم ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽ??ي جنرل جو استقبال ڪيو. اي پي پي/ر – م/س – و 15:43