اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي خصوصي هد??يت تي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي جي بحالي جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آهي، مٽه س??ات ٽرانسميشن لائين جي ٻوڏ سبب ڪري پوندڙ 2 ٽاورز کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي، پشاور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني 132 ڪي وي مٽه گرڊ اسٽيشن فعال ٿيڻ سا?? سوات جي هڪ وڏي حصي جي بجلي جي سپلائي بحال ڪئي وئي آهي. ٽرائبل ايرياز اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ٽانڪ جنڊولا سپلائي لائين بحال ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب تيمر گره باجوڙ لائينز بحال ٿيڻ کانپوءِ منڊا ۽ باجوڙ گرڊز مان ??جلي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. مدين گرڊ اسٽيشن تي بحالي جو ڪم جاري آهي. 66 ڪي وي جي ڳڙهي خيرو گرڊ اسٽيشن فعال ٿيڻ سا?? جيڪب آباد جي وڏي حصي کي بجلي جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي سپلائي جي بحالي جي عمل کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ان ??والي سا?? ان کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.