اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان يورپي يونين جي ميمبر ملڪن سان پ??هنجي تاريخي ۽ تعاون تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ يورپي يونين جي نئين مقرر ٿيندڙ سفير ڊا??ٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسولاوان ڊيرلين سان پ??هنجي تازي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين جي پارلياماني وفدن جو پاڪستان جي ايندڙ دورن سان گڏوگڏ اڳئين يورپي يونين پاڪستان تعزويراتي ڳالهه ٻولهه جي منصوبي تحت سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائيلاگ سان ٻنهي ڌرين جي دوران وڌيڪ ٺوس تعاون جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ گڏيل فائديمند واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو ڪريڊٽ موجوده جي ايس پي پلس اسڪيم ڏانهن وڃي ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان 2023ع کانپوءِ به ان انتظام جو حصو رهندو. وزيراعظم وڌندڙ حصيداري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ مسلسل اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي اهميت تي به زو?? ڏنو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي 60 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم ان سنگ ميل کي ٻنهي طرفن کان مناسب طريقي سان ملهائڻ تي زو?? ڏنو. وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان اهم آهي. پاڪستان گذريل سال آگسٽ جي اڳڀرائي کانپوءِ افغانستان جي حوالي سان عالمي برادري کي بي مثال تعاون فراهم ڪيو آهي. ڊا??ٽر رينا ڪونيڪا وزيراعظم پاران آجيان تي ٿورا مڃيندي چيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي مقرري دوران ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.