سيالڪوٽ – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪش??ير فريڊم موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر زاهد غني ڊار چيو آ??ي ته ڪش??ير جي آزادي جي جدوجهد جو آواز اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪش??يري آزادي جي نعمت سان همڪنار ٿيندا. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي حڪومت جو قدم غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي، جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ پا?? هند ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪش??ير تڪرار جو جلد ۽ پرامن حل لازمي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀارت تڪراري قانون ۾ ترميم واپس وٺي ۽ والاريل ڪش??ير جي 5 آگسٽ 2019ع کان اڳ واري حيثيت بحال ڪري. هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي قدمن سان نه رڳو سڄي دنيا جي ڪش??يرين ۾ اضطراب جي لهر ڊوڙي وئي پر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄ??ون ۽ ڪش??ير جي هر علائقي ۾ ان جي خلاف سخت ردعمل سامهون آيو. ڀارتي حڪومت صدارتي آ??ڊي??نس ذريعي والاريل ڪش??ير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي آئين ۾ موجود 370 ۽ 35 اي تحت سڄي ڄمون ۽ ڪش??ير کي ڀارتي عوام جي لاءِ کوليو ويو ۽ اتي اچي زمين جا ملڪيتي حق وٺي سگهن ٿا ۽ اتان جو ڊوميسيائيل به وٺي سگهن ٿا. ڀارتي حڪومت جو اهو هڪ وڏو سازشي عمل هو، جنهن جي ذريعي هو والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جاگرافيائي تبديليون آڻڻ سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪش??ير جي آبادي جي تناسب کي بدلائڻ چاهيو پئي.