اسلام آباد – 11 – آگسٽ (ا?? پي پي) ملڪ جي آزادي جا 75 سال پورا ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس اينڊ ڪلچر ايم سي آئي، سي ڊي اي جي اهتمام هيٺ اڄ جمعي ڏينهن 10 هزار چورس فٽ جو جهنڊو ٺاهيو ويندو جنهن ۾ اٽڪل 5 هزار ٻار حصو وٺندا. ايم سي آئي جي اسپورٽس اينڊ ڪلچر شعبي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد/ ايڊمنسٽريٽر، ايم سي آئي عرفان نواز ميمڻ خاص مهمان هوندو. اها تقريب اڄ جمعي ڏينهن 12 آگسٽ تي ڪرڪيٽ گرائونڊ ايف نائين پارڪ، گيٽ نمبر 4، اسلام آباد ?? ٿيندي. ٻئي طرف 14 آگسٽ 2022ع تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب جي حوالي سان انتظامن جو جائزه اج??اس خميس ڏينهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل (اي ڊي سي جي) اسلام آباد جي صدارت ۾ ٿيو. اج??اس ۾ فائنل سيڪيو??ٽي ۽ ٽريفڪ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي. ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايس پي ٽريفڪ، اسپيشل اينڊ سيڪيو??ٽي برانچ ڪي ڊي ايس پيز، اي سي سيڪريٽريٽ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن اج??اس ۾ شرڪت ڪئي.