اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اڄ تائين پنهنجي خلاف ٻاهرئين سازش جو ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، عمران خان بحيثيت وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي پاڻ توثيق ڪئي جنهن ۾ چيو و??و ته ڪا ٻاهرئين سازش ناهي ٿي، ان ??قت انهن ثبوت ڇو پيش نه ڪيا، ان ??قت جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڇو نه ڪيو ويو، انهن جي راءِ ۽ ڪوڙي بيانيي سان حڪومت ۽ رياست پنهنجو آفيشل بيانيو نه ٿي بدلائي سگهي، عمران خان ??نهنجي غلط ۽ ڪوڙي بيانيي سان ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، انهن جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن، گذريل حڪومت جي سمورن اسڪينڊلز ۾ عمران خان، سندس گهرواريءَ ۽ فرح گوگي جا نالا واضح آ??ن. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته اڳوڻي حڪومت جي نالائقي، نااهلي، چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي ڪري پاڪستان جي عوام اڄ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي، جن ڪمزور بنيادن تي نالائقن ۽ نااهلن آءِ ايم ايف سان ??عاهدي تي صحيحون ڪيون ان جي ڪري ملڪ ۾ اڄ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چ??و ته موجوده اتحادي حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام کي مهانگائي جي بار کان بچائڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته اسان گذريل چار سالن دوران توانائي سميت ٻين رڪيل منصوبن کي ٻيهر بحا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هي اهي منصوبا آهن جيڪي 2018ع ۾ ش روع ٿي چڪا هئا پر گذريل چئن سالن دوران ??ااهل ۽ ڪرپٽ ٽولي انهن تي ڪو ڪم نه ڪيو، انهن جي نيت منصوبن تي ڪم ڪرڻ نه پر ملڪ مان ڦرلٽ ڪرڻ هئي، ڦرلٽ سان عمران خان ۽ فرح گوگي جي اثاثن ۾ اضافو ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان ??ارن فنڊنگ ڪئي، چندي جي پئسي جي مني لانڊرنگ ڪئي ۽ پنهنجي اڪائونٽس کي ڊڪليئر نه ڪيو، جڏهن اسٽيٽ بئنڪ اليڪشن ڪميشن ۾ انهن جي اڪائونٽس کي ڊڪليئر ڪ??و ته انهن اليڪشن ڪميشن تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته فرح گوگي عمران خان جي فرنٽ مين هئي جنهن پنجاب ۾ ٻنهي هٿن سان ڦرلٽ ڪئي، جڏهن فرح گوگي جي خلاف ڳالهه ڪر??و ته عمران خان تڙپڻ شروع ٿي وڃي ٿو. هن چ??و ته گذريل چار سال بني گالا حقيقت ۾ مني گالا بڻيل هو، عمران خان جي فرنٽ مين پرسنز ان جي حڪمن تي عمل ڪندي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جا ترجمان چئي رهيا آهن ته انهن کي بي اعتمادي رٿ جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، هڪ موصوف چ??و ته بي اعتمادي رٿ جي خبر هئي ته اسان ??عيشت جي بارودي سرنگهون وڇايون. هن چ??و ته هڪ طرف اهو چئي رهيا آهن ته ٻاهرئين سازش ٿي آهي ۽ ٻئي طرف اهو چئي رهيا آهن ته بي اعتمادي جي اسان کي اڳ ۾ ئي خبر هئي، اهي پنهنجي ڪوڙي بيانيي جي ترتيب ته ٺيڪ ڪري وٺن. مريم اورنگزيب چ??و ته 8 مارچ جي خط کانپوءِ انهن ڊونلڊ لو کي اهم مقرر طور تي ڇو گهرايو، جيڪڏهن اهي سازش ڪري رهيا هئا انهن کي ڇو گهرايو ويو، 8 مارچ کان 28 مارچ تائين عمران خان ڇو خاموش رهيو؟ عمران خان جا ترجمان اسد عمر ۽ شيرين مزاري عمران خان جون هدايتون وٺي چينلز تي ظاهر ٿيا، اهي ٽاڪنگ پوائنٽس ۽ گائيڊ لائينز وٺي آيا هئا. هن چ??و ته جڏهن انهن جي ڪرپشن جا اسڪينڊل سامهون آيا ته هي اهڙي قسم جا بيان ڏيڻ لڳي وڃن ٿا. هن چ??و ته جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ٿي ته ان ??قت عمران خان ??زيراعظم هاو ۽ هن ميٽنگ چير ڪئي، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي توثيق به عمران خان ڪئي جنهن ۾ چيو و??و ته ڪا سازش ناهي ٿي. جيڪڏهن ٻاهرئين سازش جو بيانيو اصل بيانيو هو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پريس ريليز جي توثيق ڇو ڪئي وئي. هن چ??و ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جا سمورا ميمبر ميٽنگ ۾ موجود هئا، انهن پريس ريليز ڪڍي جنهن جي عمران خان توثيق ڪئي، اها راءِ نه هئي اهو پاڪستان جو بيانيو هو، جيڪڏهن انهن کي ان سان اختلاف هو ۽ ٻاهرئين ملڪ سازش جا ثبوت موجود هئا ته توهان ??يش ڪريو ها، توهان جي راءِ ۽ ڪوڙي بيانيي سان حڪومت ۽ رياست پنهنجو آفيشل بيانيو نه ٿي بدلائي سگهي. هن چ??و ته عمران خان ??نهنجي ترجمانن کي موڪلي پنهنجي ڪوڙي سياسي بيانيي سان ادارن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان جي چوري ۽ ڦرلٽ پڪڙي پئي وڃي، هن ملڪي مفاد ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪيو، جڏهن به انهن جو ڪو اسڪينڊل اچي ٿو ته اهي اداري تي حملا ڪن ٿا، جڏهن انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي هئي ته انهن کيسي مان ??رچيءَ ڪڍي ۽ چ??و ته ٻاهرئين سازش ٿي رهي آهي. هن چ??و ته عمران خان ??اڻي ٻاهرئين سازش تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي، هن نيشنل سيڪيورٽي مڪيٽي جي ميٽنگ ۾ ان جو مطالبو ڇو نه ڪيو هو؟ ان ??قت هو وزيراعظم هو، هن ڪميٽي ۾ ثبوت ڇو پيش نه ڪيا جنهن سان ??اهرئين سازش بي نقاب ٿئي ها. هن چ??و ته هن پنهنجي نااهلي کي لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين سازش جو بيانيو اختيار ڪيو، انهن کي خبر هئي ته انهن جي چار سالن جي نالائقي، چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا ثبوت موجود آهن. هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ به نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورين انٽيليجنس ايجنسين، هٿياربند فوج جي قيادت موجود هئي، ان اجلاس جي جيڪا پريس ريليز جاري ٿي ان ۾ به چيو و??و ته ڪنهن به قسم جي ڪا سازش ناهي ٿي. هن چ??و ته عمران خان اڄ تائين ڪي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به عمران خان جي بيانيي جي ترديد ڪئي، عمران خان سياسي بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس سياسي بيانيو ڪوڙ تي ٻڌل هو ان ??اءِ اهو پنهنجي موت پاڻ مري ويو. هن چ??و ته عمران خان ان کانپوءِ زندگي کي خطري جو بيانيو ٺاهيو، ان کانپوءِ هاڻي مهانگائي تي بيانيو ٺاهي رهيو آهي جيڪا انهن جي ڏنل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ڊي جي آءِ ايس پي آر سموري هٿياربند فوج جي نمائندگي ڪري ٿو، هن سازش جي بيانيي تي واضح بيان ڏنو، ادارن آئيني پوزيشن کي اختيار ڪيو جيڪو عمران خان کي پسند نه آهي. هن چ??و ته سياسي قيادت ۽ هٿياربند فوج نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اندر هڪ ئي بيانيو ڏنو ته ڪا سازش ناهي ٿي، عمران خان جڏهن وزيراعظم هو ان ??قت به اهو ئي بيانيو هو ۽ جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ پڻ اهو ئي بيانيو هو ته ڪا سازش ناهي ٿي. هن چ??و ته عمران خان ??نهنجي چئن سالن دوران سياسي مخالفن تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام هنيا ۽ جڏهن عدالتن ۾ ثبوت ڏيڻ جو وقت آ??و ته اهي ڀڄي ويا. انهن ڪيترائي ريفرنسز موڪليا پر ڪنهن به ڪيس ۾ ثبوت نه ڏنا. هن چ??و ته شهباز شيف جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان جڏهن ضمانت ٿي ته عمران خان جي هدايت تي نعيم بخاري ان جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي جڏهن سپريم ڪورٽ ثبوت گهريا ته انهن درخواست ئي واپس وٺي ڇڏي. هن چ??و ته هن وقت سمورا ادارا آئيني دائري جي اندر ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو عمران خان کي پسند نه آهي. هن چ??و ته عمران خان جي ڪرپشن جو گند عوام آڏو اچي رهيو آهي، انهن ملڪي مفاد تي ڌاڙو هنيو ۽ ڦرلٽ ڪئي. هن چ??و ته عمران خان ??لڪ رياض ۽ سندس فيملي ۽ نيشنل ڪرائم ايجنسي جي وچ ۾ 50 ارب رپين جي ڊيل ۾ ٽپڪي پيو ڇو ته هن کي ڪميشن وٺڻي هئي. هن چ??و ته پنهنجي ڪميشن وٺڻ جي لاءِ عمران خان غليظ ڪم ڪيو. جنهن منصوبي جي جاچ ڪريو ان ۾ عمران خان جا فرنٽ پرسنز ظاهر ٿين ٿا، هر اسڪينڊل ۾ عمران خان، سندس گهرواريءَ، فرح گوگي، شهزاد اڪبر جو نالو ملندو. هن چ??و ته عمران خان جي خلاف جڏهن به ڪو اسڪينڊل اچي ٿو ته هي ادارن تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن چ??و ته عمران خان 25 مئي تي عدليه جي حڪمن جي توهين ڪئي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته عمران خان ايڇ نائين ۾ جلسو ڪري ۽ واپس وڃي پر هن اتي پهچي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ڊي چوڪ وڃڻ جو اعلان ڪيو، انهن وٽ ايترا ماڻهو به نه هئا جو اهي ايڇ نائين ۾ جلسيءَ تائين ڪري سگهن، اسان انهن کي مانيٽر ڪري رهيا هئاسين. هن چ??و ته عمران خان 25 مئي جو ڀڳوڙو آهي، پنهنجي ماڻهن کي ڊي چوڪ گهرائي هو پاڻ اتان ڀڄي ويو. هن چ??و ته هڪ طرف عمران خان عدليه جي فيصلن جي توهين ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف چوي ٿو ته عدليه اسان کي ريليف ڏي. مريم اورنگزيب چ??و ته عمران خان جو بيانيو پنهنجي موت پاڻ مري چڪو آهي، انهن جا اعمال ناما، ڪرتوت ۽ ڪرپشن جا اسڪينڊل پاڪستان جي عوام کي خبر پئجي وئي آهي جنهن جي پڪڙ ۾ اهي سڀ ماڻهو اچڻ وارا آهن. هن چ??و ته عمران خان ??نهنجي گهٽيا ۽ ڪوڙي سياست جي بيانيي ۾ ادارن کي گهلڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. عمران خان چوي ٿو ته پاڪستان جي انٽيليجنسي ايجنسين کي خبر ئي نه هئي ته ملڪ جي خلاف سازش ٿي رهي آهي، اصل ۾ اهڙو بيانيو ان جي پنهنجي دماغ جي سازش آهي. عمران خان ??لڪ جي خلاف سازش ڪئي، مليڪ معيشت کي ڪمزور ڪيو، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪمزور ڪئي، ڪو اهڙو شعبو نه آهي جيڪو انهن ڪمزور نه ڪيو هجي. اهي ڪشمير فروش آهن، انهن ملڪ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو، غريب عوام کي وڌيڪ غريب ڪيو، ملڪ جي اندر انتشار ۽ انارڪي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چ??و ته جڏهن انهن کي خبر پئي ته انهن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ واري آهي ته انهن معيشت جي راهه ۾ بارودي سرنگهون وڇايون، آءِ ايم ايف سان ڪمزور معاهدا ڪيا، پاڪستان جي عوام جي قسمت کي آءِ ايم ايف معاهدي جي ور چاڙهي ڇڏيو. هن چ??و ته اڄ جيڪي ڪرائي جا ترجمان عمران خان کان ڊائريڪشن وٺي اچن ٿا اهي سڀ رد ٿيل ماڻهو آهن، عمران خان ??اڻ انهن کي وزارتن مان ڪڍيو، دوائن، پيٽرول، اٽي ۽ کنڊ اسڪينڊلز تي انهن جا وزي فارغ ٿيا. هن چ??و ته انهن جي خلاف انهن جون ڪهاڻيون ۽ داستان جڏهن سامهون اچي رهيا آهن ته اهي ڊائريڪشن وٺي اچن ٿا، انهن پاڪستان جي عوام کي بيروزگاري ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو، اسان انهن جو گند صاف ڪري رهيا آهيون، اسان ??لڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وينداسين، اهي مشڪل فيصلا آهن. هن چ??و ته وزيراعظم عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته مشڪل حالتن ۽ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود عوام دوست، آءِ ٽي دوست ۽ زراعت دوست بجيٽ پيش ڪئي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا ملن، وڌ کان ??ڌ سيڙپڪاري ۽ واپار ٿئي، اهو ئي هڪ طريقو آهي جنهن سان ??اڪستان جي معيشت صحيح ٿيندي. هن چ??و ته عمران خان آڪٽوبر 2023ع تائين انتظار ڪري، جنهن عوام کي عمران خان ??عاشي مشڪلاتن جو شڪار ڪيو، دوائن تي پئسا ڪمايا، وڻن مان ??ئسا ڪمايا، عوام جي خزاني کي ڦريو، ملڪي مفاد کي وڪرو ڪيو، انهن سڀني جو حساب آڪٽوبر 2023ع ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته رياست پاڪستان جا جا سمورا ادارا آئيني حدن ۾ رهي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، اها عمران خان جي رڳو سوچ آهي ته هو ڪنهن کي ڊڪٽيشن ڏئي سگهندو. هن چ??و ته اسان ??لڪ کي ترقي طرف وٺي وينداسين، ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي ختم ٿيو هو ان کي ٻيهر بحال ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چ??و ته نواز شريف ٽوئيٽ ۾ پنهنجو تجزيو شيئر ڪيو آهي، ان جي خلاف ڪيسز ٺهيا، اقاما ٺهيا، پاناما کان ڪهاڻي شروع ٿي، ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو ٿيو، ان جي والده فوت ٿي، نواز شريف پنهنجي ڌيءَ مريم نواز سان گڏ جيل ۾ هو، ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر ان کي جيل ۾ ملي، ان کانپوءِ ٻيهر مريم نواز کي گرفتار ڪيو ويو، انهن ملڪي مفاد جي لاءِ قرباني ڏني. هن چ??و ته انهي ڏس ۾ نواز شريف بيان ڏنو آهي ته مشرف سان سندس ڪا ذاتي دشمني نه آهي، ان جو بيان اعليٰ ظرفي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان آئين تي حملو ڪري چڪو آهي، سپريم ڪورٽ رات جو ان جي لاءِ کلي هئي ته آئين شڪني ٿي رهي هئي، جيڪو شخص آئين شڪني ڪري سگهي ٿو اهو آئين جي خلاف ورزي به ڪري سگهي ٿو. عمران خان جي دماغ ۾ اها ڳالهه آهي ته ادارن تي حملو ڪندا ته ڪرپشن جو بيانيو ختم ٿي ويندو، ميڊيا جو ڌيان ان طرف هوندو. هڪ سوال تي هن چ??و ته ڪابينا ۾ سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي موجود آهي، ڪابينا جي هر فيصلي تي سمورين پارٽين جو ٺپو هوندو آهي، گڏيل فيصلا ٿيندا آهن. ملڪي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي جڏهن وفاق جي سمورين اڪائين جي نمائندگي وفاقي ڪابينا ۾ موجود آهي. هن چ??و ته ڪابينا ۾ شامل سموريون اتحادي پارٽيون پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏيڻ چاهين ٿيون. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان آئين شڪني ڪئي جنهن تي سپريم ڪورٽ مان 5 – 0 جو فيصلو آيو جنهن تحت ان ??رارداد کي به واپس ورتو ويو جيڪا ڊپٽي اسپيڪر ايوان ۾ پيش ڪئي. هن چ??و ته عمران خان اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، پاڻ به آئين شڪني ڪئي، جڏهن کيس لڳو ته بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿي رهي آهي ته هن اسميبليون تحليل ڪري ڇڏيون. هن چ??و ته جنهن وقت عمران خان ??زيراعظم هو ۽ کيس خبر هئي ته بي اعتمادي رٿ اچي رهي آهي ته هو اسميبليون تحليل ڪري عوام وٽ هليو وڃي ها پر هو اقتدار سان چنبڙيل رهيو، جڏهن ان جا اتحادي ۽ ان جا پنهنجي ميمبر انهن کي ڇڏي ويا، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿيڻ لڳي ۽ عمران خان کي لڳو ته هاڻي هو وزيراعظم جو ووٽ ن?? ٿو وٺي سگهي ته هن ان ??قت اسميبليون تحليل ڪري ڇڏيون، ان ??قت نه آئين هو، نه پارليامينٽ نظر آئي، اقتدار جي بک ۾ اهي انڌا ٿي چڪا هئا، اهي ڪرسيءَ کان جدا ٿيڻ نه چاهيندا هئا. ان ڪرسيءَ تي انهن ڪرپشن ڪئي، پاڪستان جي عوام جو پئسو ڦريو، اها ڪرسيءَ ڇڏڻ انهن جي لاءِ تمام مشڪل هو. هن چ??و ته عمران خان کي هاڻي اهو تماشو بند ڪرڻ گهرجي، هو آڪٽوبر 2023ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي هٿان رد ٿيڻ جو انتظار ڪري. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته توانائي جي بچت جي حوالي سان ??يٽروليم ۽ بجلي بابت مڪمل پروگرام ڪابينا ۾ پيش ٿيندو جنهن جي منظوري ڏني ويندي. هن چ??و ته ان حوالي سان ??ختلف تجويزون آهن، انهن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چ??و ته توانائي ۽ پاڻي جي بچت بابت اطلاعات واري وزارت ۾ آگاهي پروگرام تيار ٿي رهيو آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان کي اهڙي ذهني بيماري لڳل آهي جنهن جو ازالو ن?? ٿو ٿي سگهي، ان جو علاج ضروري آهي، عمران خان جي ذات ضد، انا ۽ تڪبر ۾ جڪڙيل آهي. هن چ??و ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي پڌرنامي جي توثيق عمران خان ڪئي، ان کي ان تي اعتراض هو ته ان ??قت هڻي ها، اها راءِ نه اهو آفيشل بيانيو هوندو آهي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته عمران خان جو بيانيو جيڪڏهن مضبوط هجي ها ته هو ائين رڙيون نه ڪندو وتي ها، انهن جي ڪارڪردگي هجي ها ته اهو طاقتور بيانيو هجي ها، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏنا هجن ها ته اڄ اهي خاندان به ان سان گڏ بيٺل هجن ها، ڪوڙو بيانيو وقتي هوندو آهي. هن چ??و ته انهن جي ڪارڪردگي به ڪوڙ، انهن جي حڪمت عملي به ڪوڙ ۽ انهن جو بيانيو به ڪوڙ آهي.