اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عمران خان جي تقرير نفرت تي ٻڌل آهي، جيڪا آئين ۽ ملڪ جي خل??ف آهي، راءِ جو اظهار نه پر ملڪ کي ورهائڻ ۽ خدا نه ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ دشمن جي زبان آهي، عمران خان جا بيان آئين جي خل??ف آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چ??و ته عمران خان جا بيان وفاق تي حملو آهن، وفاق تي حملي جو اعلان، ادارن جي تباهي ۽ ايٽمي پروگرام ک??ڻ جون ڳالهيون دشمن ڪندو آهي، هن چ??و ته عمران خان جي اهڙي تقرير ٽي وي تي نشر نه ٿيڻ گهرجي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جا ٽڪرا ڪرڻ واري هر زبان ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي، عمران خان جي ملڪ جي خل??ف بيانن تي قوم جو رد عمل روڪڻ ممڪن نه ٿيندو، هن چ??و ته عمران صاحب نه فارن فنڊنگ تي ڳالهائي رهيو آهي، سچائي پاڻ سازش ڪرڻ وارن پنهنجي زبان سان ادا ڪئي آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جا بيان آئين، ادار??، پاڪستاني فوج ۽ سپريم ڪورٽ تي حملو آهن. اقتدار نه رهي ته آئين، سپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن، وفاق تي حملو هڪ بيمار ذهن جي عڪاسي آهي.