اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ??اراهيندي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??وا??ش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان ورلڊ بئ??ڪ ڏکڻ ايشيا ريجن جي نائب صدر مسٽر هارٽ وگ شيفر ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ??اراهيو. وزيراعظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ??وا??ش جو اظهار ڪيو. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.