اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزي??ن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان بحرين جي سندس هم منصب عبدالطيف الزياني ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اچ?? تي بحرين جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزخي??ن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بحرين سا?? لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ علائقائي ۽ عالمي تڪرا??ن جي حوالي سان معاملا پڻ بحث هيٺ آيا، بحريني پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.