اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ??اولپنڊي رنگ روڊ منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پريس ريليز موجب راولپنڊي رنگ روڊ 38.3 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 6 ڦاڪن تي ٻڌل هوندو. رنگ روڊ تي انٽرچينج به تعمير ٿيندا. راولپنڊي رنگ روڊ جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. متبادل رستي جي طور تي رنگ روڊ جي ڪري مسافرن جي وقت ۽ خ??چ ??ي بچت ٿيندي. منصوبي جي ڪري روزگ??ر جا موقعا فراهم ٿيندا ۽ معاشي سرگرمين کي ??روغ ملندو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب پڻ ڪندو.