اسلام آباد – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي م??ڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ان سان ملڪ ۾ روز??ار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمد??ي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير شوڪت ترين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي ٽن سالن ۾ 5.37 سيڪڙو جي مجموعي م??ڪي پيداوار (جي ڊي پي) حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن سان روز??ار جا موقعا پيدا ٿيا ۽ في ڪس آمد??ي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته بلومبرگ ۽ دي اڪانومسٽ جهڙين عال??ي معاشي تنظيمن پاڪستان جي ڪوويڊ دوران نوڪرين ۽ زندگين کي بچائڻ جي لاءِ ڪيل ڪامياب معاشي سڌارن ۽ قدمن کي تسليم ڪيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو وچولي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي معاشي بهتري جي لاءِ قدم شروع ڪري جيڪي درآمدي م??انگائي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ناڻي وارو وزير مسلسل جاري عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ تمام گهڻي اضافي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جنهن پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ واپاري خساري کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. ناڻي واري وزير وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته مقامي کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون ڊسمبر کان گهٽ ٿي رهيون آهن جيئن ته صارفين جي لاءِ قيمتن جا انگ اکر ايس پي آءِ سان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ته هو پراميد آهي ته جيئن ئي عالمي سطح تي قيمتون گهٽ ٿينديون درآمدي شين تي دٻاءُ به گهٽ ٿي ويندو. وزيراعظم مجموعي طور تي ٽيڪس وصولي، درآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.