اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايڪوٽورازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيا??ي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪ??مي?? ۾ بلدياتي چونڊون هلندڙ سال جي وچ ڌاري منعقد ڪرڻ کانسواءِ آزاد ڪ??مي?? ۾ سياحت جي فروغ جي منصوبن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت آزاد ڪ??مي?? ، اترين علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي ب?? پناهه صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ايڪو ٽور ازم جي ذريعي مقامي ماڻهن کي روزگار جي فراهمي ۽ سياحتي ماڳن جي قدرتي حسن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.