اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ س??ٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ??يو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن ??يو ته ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي. دنيا کي افغانستان جي زميني حقيقتن کان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير ??يو ته ڪانفرنس ۾ افغان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن ??يو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن ??يو ته افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ س??ٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪنگ س??ٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پئسا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.