اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذ??يره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون فيلڊ ۾ نظر اچن، احساس ??اشن، ڪامياب پاڪستان، آبادگار ڪارڊ، صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جون ٻيون اسڪيمون غريب طبقي کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن، عوام آڏو حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن ۽ موثر آگاهي مهم هلائي وڃي، ذخيره اندوزن ۽ منافعي خوري ۾ ملوث ماڻه?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار قيمتن تي ڪنٽرول بابت اجلاس ??ي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي کنڊ جي اسٽاڪ ۽ قيمت?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ کنڊ موجود آهي. پر سنڌ جي شگر ملز جي بندش جي فيصلي سان قيمتون وڌيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ڪڻڪ بحران ۾ پڻ وفاق ۽ باقي صوب?? جي فيصلن سان اختلاف ڪيو جنه?? جي ڪري هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. ??زي??اعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ شين جون قيمتون وڌي رهيون آهن ۽ جيئن ته پاڪستان درآمدي شين تي دارومدار ڪري ٿو ان لاءِ مقامي مارڪيٽ تي اثر پئجي رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. احساس ??اشن، ڪامياب پاڪستان، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جون ٻيون اسڪيمون غريب طبقي کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جاري ڪيون ويون آهن. ??زي??اعظم چيو ته عوام آڏو حقيقتون ۽ انگ اکر پيش ڪيا وڃن ۽ موثر آگاهي مهم هلائي وڃي. قانون موجب ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث ماڻه?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. حڪومت سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ مهانگائي جي اثرن جو احساس ??کي ٿي. هن چيو ته کنڊ مافيا ۽ ذ??يره اندوز?? جي خلاف شگر فيڪٽريز (ڪنٽرول) ترميمي ايڪٽ 2021ع، پنجاب پريوينشن آف هورڊنگ ايڪٽ 2020ع ۽ پنجاب ر جسٽريشن آف گوڊ اونز ايڪٽ 2014ع جي قانونن تي هر صورت ۾ عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، منافعي خوري ۽ ذ??يره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ??زي??اعظم چيو ته عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون فيلڊ ۾ نظر اچن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هن وقت موجود کنڊ جي سموري اسٽاڪ کي مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ۽ 15 نومبر کان پوري ملڪ ۾ ڪمند جي ڪريشنگ شروع ڪئي وڃي. ڪريشنگ قانونن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ڪندڙ?? جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن محمد حماد اظهر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، سيد فخر امام، ڊاڪٽر فروغ نسيم، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، گهرو معاملن واري صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي چيف سيڪريٽري پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه مان سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا.