اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن، دنيا کي ماحوليات جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي و??ندو، 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي و??ندي، 2023ع تائين اٽل هڪ ارب تم?? جا وڻ لڳائڻ جو هدف آهي، تم?? جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سخت موسمياتي تقدرتي آفتون آيون آهن جنهن سان 3.8 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي و??ندو. 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي و??ندي. هن چيو ته اسان 24 سئو ميگاواٽ جي ڪوئلي جي منصوبن کي ختم ڪيو آهي ۽ انهن جي جڳهه تي 37 سئو ميگاواٽ پن بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، هاني ملڪ ۾ ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ جو ڪو نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو. اسان فطرت تي ٻڌل هل تي ڌيان ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي مينگ??وز پوکيا پيا وڃن، 2023ع تائين اٽڪل هڪ ارب مينگ??وز جا وڻ لڳايا ويندا. تم?? جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا دوران اسان نيشنل پارڪس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. ماحوليات جي تحفظ بابت 85 هزار نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ايندڙ سال 2 لک نوڪرين جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. عمران خان چيو ته اسان بنجر زمينن کي آباد ڪري رهيا آهيون. زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ بهتري جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو ماحولياتي تبديلين کان تحفظ جي لاءِ 44 سيڪڙو سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جنهن کي عالمي بئنڪ ساراهيو آهي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ وارو نمبر ون ملڪ قرار ڏنو آهي جنهن پنهنجي ترقياتي سيڙپڪاري ماحوليات طرف منتقل ڪئي آهي. هن چيو ته هڪ گرين بانڊز آهي جنهن سان پن بجلي منصوبي جي لاءِ 5 سئو ملين ڊالر گڏ ڪيا. ٻيو بليو بانڊز آهي عالمي بئنڪ مينگ??وز جي و??ليو ايشن ڪرير هيو آهي، انرجي ٽرانزيشن جو نظام جوڙيو آهي. هن چيو ته انسانيت جو بحران درپيش آهي. عالمي گرمي پد ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي، دنيا کي ماحوليات جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. موسمياتيت بديلين جي ڪري سڄي دنيا ۾ گليشيئر تيزي سان پگهڙجي رهيا آهن، اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قدرتي آفتن جو سلسلو جاري آهي. پاڪستان سميت هماليه جي و??جهو رهندڙ ملڪن کي سنگين خطرا درپيش آهن. گذريل سالن ۾ آسٽريليا، ڪيلي فورنيا سميت ٻين ملڪن ۾ غيرمتوقع ٻوڏ آئي آهي.