اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻين حڪومتن جا ورتل قرض آهن، حڪومت کي هن سال 12 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي ته سبسڊي لاءِ ڇا بچندو، اڳوڻن حڪمرانن قرض کڻي ٻاهرين ملڪ جائيدادون ٺاهيون?? دنيا جي 66 سيڪڙو آبادي اسلام آباد کان ساڍا 3 ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، پاڪستان عرب ملڪن جي فوڊ مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو، ??سا?? شيون ته تيار ڪري وٺندا آهيون پر انهن جي سرٽيفڪيشن تي ڌيان ناهيون ڏيندا، ??سا?? کي پنهنجي شين کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو، بدقسمتي سان گذريل 20 سالن کان ??سا?? هر شيءَ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، سڄي دنيا ۾ شين جي قيمتن ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي، ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري سان ئي ترقي ڪري سگهجي ٿي، تمام جلد پاڪستا?? پنهنجي پيرن تي بيهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي سي او سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته جرمني پاڪستان کان تقريبن 300 کان 400 ملين ڊالر جي سرجيڪل اوزار خريد ڪري ڀارت کي 700 ملين ڊالر ۾ وڪرو ڪندو آهي جنهن جو مطلب آهي ته ??سا?? وٽ پنهنجي روانگي واپار کي ويليو ايڊ ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان جي هڪ منفرد حيثيت آهي?? دنيا جي تقريبن 66 سيڪڙو آبادي اسلام آباد کان ساڍا 3 ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي، سعودي عرب، وچ ايشيا، بحرين، دبئي جي فوڊ باسڪٽ پنهنجي ماحول جي ڪري سدائين آمدني واپار تي ٻڌل رهندي، پاڪستا?? پنهنجي فارمنگ ۽ لائيو اسٽاڪ جي جدت آڻي عرب ملڪن جي فوڊ مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪري سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??سا?? حلال اٿارٽي قائم ڪئي، سرٽيفڪيشن ڪئي، ??سا?? شيون ٺاهيندا آهيون پر ان جي سرٽيفڪيشن تي ڌيان ناهيون ڏيندا، هن تقريب ۾ موجود سمورن سي او اوز کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو جيڪي به شيون تيار ڪن ان جي ڪوالٽي عالمي معيار موجب رکن، هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ ڪموڊيٽي پرائس ۾ اضافو ٿيو آهي، تيل جون قيمتون به وڌيون آهن، 2018ع ۾ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت اقتدار ۾ آئي ته پام تيل جي قيمت 518 ڊالر ميٽرڪ ٽن هئي جيڪا هن وقت 1200 ڊالر کان ٽپي چڪي آهي، اهڙي طرح تيل ۽ ڪڻڪ جي قيمتن به اصافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪووڊ جي ڪري پوري دنيا ۾ مهانگائي آئي، جيڪڏهن ??سا?? وٽ سرپلس ڊالر هجن ته ??سا?? ٻاهرين دنيا کان مهانگيون شيون خريد ڪري سبسڊائز ڪري فراهم ڪري سگهون ٿا پر ??سا?? وٽ ڊالر نه آهن جنهن جو بنيادي سبب اهو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ ??سا?? پنهنجو ڪجهه نه ٺاهيو، ??سا?? هر شيءَ ٻاهرين دنيا کان گهرائي، هن چيو ته دبئي هڪ ننڍو شهر آهي جنهن ۾ 30 کان 40 لک آبادي آهي ان جي معيشت جا مثال 22 ڪروڙ عوام تي پورا نٿا لهي سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽري بند ڪئي وئي هئي، سموريون شيون درآمد ڪيون وينديون هيون، هن چيو ته ڪووڊ جي دوران ??سا?? کي سينيٽائيزر جي ضرورت هئي، ??سا?? وٽ ايٿانول هوندو آهي، ??سا?? را مٽريل ٻاهرين ملڪ موڪلي ڇڏيندا آهيو?? پنهنجو سينيٽائيزز نه ٺاهيندا هئاسين، هن چيو ته جڏهن 2018ع ۾ ??سا?? اقتدار ۾ آياسين ته ??سا?? جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند ٿي چڪي هئي، ??سا?? ان کي بحال ڪيو، هن چيو ته ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت اليڪٽرڪ گاڏين جو نه اچڻ جو وڏو سبب چپ جو موجود نه هجڻ آهي ڇو ته آمريڪا جون ڪمپنيون چين کي چپ فراهم نه ڪري رهيون آهن، پوري انڊسٽري ويهي وئي اهي، اهڙي وقت ۾ پاڪستان جهڙن ملڪن وٽ موقعو آهي ته هو ان خال کي ڀرين، هن چيو ته 1947ع کان 2008ع تائين 6 ٽريلين جو قرض ورتو ويو، 2008ع کان 2018ع تائين 23 هزار ارب روپين جا قرض ورتا ويا، 1947ع کان وءِ 2008ع تائين جي ورتل قرضن ۾ ??سا?? اسلام آباد شهر بڻايو، گوادر خريد ڪيو، ??سا?? دفاع کي مستحڪم ڪيو، موٽر ويز ٺاهيون، ??سا?? ايٽمي طاقت بڻياسين پر اڳئين 10 سالن ۾ 23 هزار ارب روپين جو قرض ورتو ويو جيڪو دبئي، لنڊن ۽ آمريڪا هليو ويو، هن چيو ته هن سال حڪومت کي 12 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي ته ان صورت ۾ حڪومت وٽ سبسڊي جي لاءِ ڇا بچندو. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جو بنيادي سبب اڳوڻن حڪمرانن پاران ورتل وڏا قرض آهن، هن چيو ته ان جي باوجود ڪورونا جي دوران ??سا?? جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي، اڄ ??سا?? جي ڪنسٽرڪشن، ٽيڪسٽائيل ۽ سافٽ ويئر انڊسٽريز جهڙي طريقي سان اڳتي وڌي رهيون آهن مون کي اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ سمورا رخ تبديل ڪري ??سا?? پنهنجي پيرن تي بيٺل هونداسين. هن چيو ته قومون ان وقت تائين اڳتي نٿيون وڌي سگهن جيستائين هو پنهنجي پيرن تي بيٺل نه هجن.