اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته رياضي منطق جو بنياد آهي، استاد ۽ والدين سائنس ۽ رياضي جي مضمونن ۾ ٻار?? جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ انه?? جي حوصلا افزائي ڪن، پاڪستان ۾ سائنس ۽ رياضي تي گهٽ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ضروري آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ۾ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي بابت تعليمي منصوبي (سٽيم) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، خيبرپختونخوا جو صوبائي وزير شهرام ترڪئي، پاڪستان سائنس فا??ونڊيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر شاهد بيگ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر اختر نذير ۽ ٻيون شخصيتون به شريڪ هيون. صدر چيو ته سٽيم ايجوڪيشن هڪ وقت سر قدم آهي جنهن سان سماج کي منظم ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملندي، مختلف ملڪ?? جي تعليمي ميدان ۾ ترقي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته چي?? جي ترقي جو هڪ سبب سائنس جا وڌ کان وڌ گريجوئيٽ آهن، جتي گريجوئيٽس جو تعداد 8 ڪروڙ جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي گريجوئيٽس جو تعداد 47 لک آهي، هن چيو ته ترقي لاءِ ضروري آهي ته سٽيم تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، ماڻه?? جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ تعليم جي شعبي خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جي شعبن ۾ ڌيان نه ڏنو ته اسان دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين.
هن اسٽيم پراجيڪٽ جاري ڪرڻ تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز کي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته وفاقي وزير شبلي فراز، ۽ وفاقي وزير شفقت محمود ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن، اسان کي معياري تعليم سان گڏوگڏ استاد?? جي تربيت جو بندوبست به ڪرڻو پوندو، صدر چيو ته تعليم جي ميدان ۾ ترقي جي نتيجي ۾ ٻيون قومون اڳتي نڪري ويون آهن، عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگرد کي سدائين هڪ استاد حوصلا افزائي ڪندو آهي، سٽيم منصوبي ۾ شامل مضمون منهنجي پسند جا آهن، جيتوڻيڪ آئون ڊاڪٽر بڻجي ويو آهيان پر آئون رياضي جو هڪ انتهائي لائق شاگرد ه??س. ??ائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ان پروگرام تحت 50 سرڪاري هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪندي، ميٽرڪ ۽ ايف ايس سي جي شاگردن لاءِ سٽيم جي ميدان ۾ ٽريننگ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، سٽيم ڪلاسز ۾ شاگرد?? جي چونڊ انه?? جي صلاحيتن ۽ قابليت جي بنياد تي ڪئي ويندي، پروگرام تحت سٽيم تعليم ڏيڻ لاءِ شاگردن لاءِ ٽريننگ ماڊيولز تيار ڪيا ويندا،منصبوبي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت پوري پاڪستان ۾ عمل ڪيو ويندو. تقريب ۾ چونڊ تعليمي ادارن ۽ ڪيڊٽ ڪاليجز جا سربراهه به شريڪ هيا.