اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماڊل پن??هگاهن تي اڳڀرائي کي تسلي بخش قرار ڏيندي مقرر ڪيل مدي ۾ ان جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ ۽ پن??هگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولتن جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان سان غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ??ن وزيراعظم کي نئين ماڊل پن??هگاهن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته پن??هگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جي سهولن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ماڊل پن??هگاهن جي تعمير سان مثال قائم ڪري رهي آه??، ماڊل پن??هگاهن جي تعمير سان سرندي وارا ماڻهو ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ان ڪم ۾ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا. هن چيو ته حڪومت پن??هگاهن جي اسٽاف کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪري رهي آهي، پن??هگاهن سان احسان ون ونڊو سينٽر بابت مستحق ماڻهن کي سهولتن تائين آسان پهچ ممڪن ٿي سگهندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پن??هگاهن جي لاءِ مرڪزي ايڊوائيزري بورڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪئي وئي آهي، هر پن??هگاهه جي لاءِ 4 رڪني انتظامي بورڊ به جلد جوڙيو ويندو، ايندڙ هڪ هفتي ۾ هر پن??هگاهه لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم به جاري ڪيو ويندو. 4 پن??هگاهن جي لاءِ مخصوص عمارتن جي تعمير جي سلسلي ۾ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، پن??هگاهن جي تعمير جو ڪم هڪ سال جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ون ونڊو سينٽر، مزدورن جي لاءِ ”ڪيش فار ورڪ“ پروگرام ۽ پن??هگاهن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪمرشل حصي جي تعمير ماڊل پن??هگاهن ۾ شامل هوند??، موجوده پن??هگاهن ۾ تعميراتي ڍانچي جي مرمت جو ڪم به منصوبي جو حصو آهي، پن??هگاهن جي لاءِ مرڪزي ڊجيٽل ڊونيشن مينيجمينٽ سسٽم به هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ بيت المال جو ايم ڊي ملڪ ظهير عباس کوکر به شر??ڪ هو.