فيصل آب??د ?? 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ سميت وو??ر کي آگاهي ڏيڻ ۽ عملي جي تربيت اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال مخالف ڌر کي ان لاءِ پسند نه آهي ته ان سان ڌانڌلي رڪجي ويندي، ماضي ۾ اوورسيز پاڪستانين کي وو?? جو حق ڏيڻ جي لاءِ ڪي قدم نه کنيا ويا پر هاڻي اسان صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون چاهيون ٿا، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن، ملڪ جي ڪمزور ترين طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ ڀرپور ڪوششون جاري آهن، هائوسنگ منصوبي تحت 60 ارب رپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن ??نهن ??ان گڏوگڏ فيصل آباد ۾ جلد صحافي ڪالوني پڻ قائم ڪئي ويندي. پنهنجي تڪ نيابت اين اي 108 ۾ 57.514 ملين رپين جي لاڳت سان 9.42 ڪلوميٽر ڊگهي سمندري روڊ نيا موآنه منڊي تائين مڇي فارم ستيانه روڊ فيصل آباد جي تعمير جي سلسلي ۾ مونگيان چوڪ چڪ 235 رب ملکانوالا ۾ منعقد پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ۾ هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته مخالف ڌر صاف ۽ شفاف چونڊن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي ضرورت آهي پر چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال مخالف ڌر کي ان لاءِ پسند نه آهي ڇو ته ان سان ڌانڌلي رڪجي ويندي ۽ مردا ۽ فرشتا وو?? نه وجهي سگهندا ۽ نه ئي جعلي بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ممڪن ٿي سگهندي ۽ ان سان ٺپا مافيا سياسي گروهه جي سياست سدائين جي لاءِ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته هن وقت 90 لک پاڪستاني روزگار جي سلسلي ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ۽ ساليانو 30 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلي رهيا آهن ۽ آئين جي شق 94 تحت انهن کي وو?? جو حق ملڻ انهن ??و حق آهي پر پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٽي ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيا پر انهن ??وورسيز پاڪستانين کي انهن ??ي وو?? جو حق نه ڏنو جيڪا انهن ??ان زيادتي آهي، تنهن ڪري 2023ع جون چونڊون اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين ذّريعي ئي ڪرائينداسين ۽ اوورسيز پاڪستانين کي وو?? جو قانوني حق ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ??ليڪشن ڪميشن يا مخالف ڌر کي موجوده اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين تي ڪي اعتراض يا خدشا آهن ??ه ان تي گڏجي ويهي ڳالهه ۽ ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته اهو به چيو پيو وڃي ته ايندڙ چونڊن جي لاءِ وقت گهٽ آهي ان لاءِ ايتريون مشينون نه ٿيون ٺهي سگهن ??ڏهن ??ه هي ٽيڪنالاجي جو دور آهي، تنهن ڪري مختصر کان مختصر وقت ۾ جيتريون چاهيون مشينون ٺاهي وٺون. فرخ حبيب چيو ته 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ اليڪٽرانڪ وو??نگ مشين ڪاميابي سان استعمال ڪئي پئي وڃي ته پوءِ پاڪستان ۾ اها ڇو استعمال نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته جيڪڏهن نيت صاف هجي ته سسٽم ٺاهڻ ۽ ان کي هلائڻ ۾ وقت نه ٿو لڳي تنهن ڪري جيڪڏهن ??ليڪشن ڪميشن اهو سمجهي ٿي ته ماڻهن ۾ ان ڏس ۾ شعور نه آهي ته انهن ??ي اليڪشن ايجوڪيشن به اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. هن چيو ته پوري دنيا ۽ پورو ملڪ موجوده صورتحال کي ڏسي رهيو آهي تنهن ڪري جيڪو به شفاف چونڊن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندو ته پوءِ ان تي سوال ته اٿندا. هن چيو ته حڪومت آڇ ڪري ٿي ته جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ ڪي متبادل تجويزون آهن ??ه اهي حڪومت کي ڏي ۽ پارليامينٽ ۾ ويهي ان تي ڳالهه ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر وٽ نه ڪو ٻيو آپشن آهي ۽ نه ئي تجويزون ان لاءِ اها بنا جواز پروپئگنڊه ۾ مصروف آهي. هن چيو ته مريم صفدر اسان جي فارن فنڊنگ جي ڳالهه ڪري ٿي جڏهن ??ه اسان سمورا ثبوت اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن ??نهن ڪري هاڻي مريم صفدر، شهباز شريف، آصف زرداري، بلاول زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جو وارو آهي ته اهي به پنهنجي فنڊنگ جو حساب ڏين. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني کي چيو آهي ته اچو چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو پر مخالف ڌر ان لاءِ تيار نه آهي ڇو ته هن ??ڄي زندگي ڌانڌلي ۽ جعلي وو??نگ سان اليڪشن کٽيا ۽ اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ??هو وو??نگ مشين وارو سسٽم اچي ويو ته پوءِ ڌانڌلي ۽ ٺپا مافيا جي سياست جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪو به ملڪ ۾ ڌانڌلي جي نظام کي وڌائڻ چاهي ٿو اسان ان کي ان جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته ماضي جي حڪومتن جي دور ۾ ڦرلٽ، ڪرپشن، پنهنجا نوازي عروج تي هئي، ايڪسپورٽ مسلسل هيٺ اچي رهي هئي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي رهيو هو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڪجهه ڏينهن ??ي لاءِ رهجي ويا هئا، ملڪ ڏيوالپڻي جي ويجهو هو، اهو ئي سبب آهي جو جيئن ئي اسان حڪومت سنڀالي ته فوري طور تي احسن اقبال چيو ته ملڪي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ گهرجي ڇو ته اسان کي انهن ??ي ورتل قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون هيون پر پوءِ به اسان انتهائي دانشمندي سان معيشت کي سهارو ڏنو، ايڪسپورٽ وڌائي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ڪيو. هن چيو ته هاڻي اسٽيٽ بئنڪ وٽ 20 ارب ڊالر جا ريزرو موجود آهن، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري هلي رهي آهي، گاڏيون، موٽرسائيڪلن ۽ زرعي مشينري وڪرو ٿي رهي آهي، صنعتون هلي رهيون آهن. بلوچستان جي وڏي وزير جي خلاف عدم اعتماد جي حوالي سان شهباز شريف جي هڪ بيان بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته (ن) ليگ کي بلوچستان ۾ هڪ اميدوار به نه مليو هو تنهن ڪري شهباز شريف جي بيان جي ڪا حيثيت نه آهي، جڏهن ??هباز شريف جي ڳالهه کي ان جي ڀائيٽي مريم صفدر به سنجيده نه ٿي وٺي ته اسان ڇو وٺون. هن چيو ته هي اهو ئي شهباز شريف آهي جنهن کي آصف زرداري کي لاڙڪاڻي جي رستن تي گهلڻو هو پر هاڻي هو ان جي پٺيان پٺيان آهي ته جيئن ڪهڙي طرح انهن کي اين آر او ملي وڃي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان هن چيو ته عالمي منڊين ۾ اڳ ۾ پيٽرول جي قيمت 34 ڊالر في بيرل هئي جيڪا هاڻي وڌي 75 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي پر پاڪستان ۾ اڃا به پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ آهن ۽ حڪومت پنهنجي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي مالي بار کان بچائي رهي آهي. هن چيو ته شهباز شريف پنهنجي دور ۾ مهانگا بجلي گهر لڳايا ۽ 45 سيڪڙو امپورٽيڊ فيول تي بجلي ٺاهڻ جي اجازت ڏني ۽ اهڙا معاهدا ڪيا جو اسان بجلي وٺون يا نه وٺون ان جا پئسا اسان کي ڏيڻا پئجي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته سسٽم اپ گريڊ نه ٿي سگهيو. هن چيو ته هاڻي اسان غريبن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏئي رهيا آهيون جنهن ??ان مهانگائي تي جلد ضابطو آندو ويندو. هن چيو ته اها ڳالهه به افسوسناڪ آهي ته اسان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود ڪوڪنگ آئل، چڻا، داليون ٻاهران امپورٽ ڪريون ٿا جنهن ??ي قيمتي پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو تنهن ڪري هاڻي اسان ملڪ ۾ ئي انهن ??ي پيداوار وڌائڻ طرف ڌيان ڏئي رهيا آهيون. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ ايڪڙ زمين مان رڳو 5 ڪروڙ ايڪڙ زمين پوکيءَ هيٺ آهي ۽ اسان کاڄرو تيل ٻاهران گهرائي رهيا آهيون جيڪو اڳ ۾ 500 ڊالر في ٽن هو پر هاڻي 1200 ڊالر في ٽن آهي ان لاءِ اسان کاڄرو تيل جي ملڪي پيداوار ۾ اضافي جا منصوبا به شروع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڊسمبر 2021ع تائين پنجاب جي سمورن شهرين کي هيلٿ ڪارڊ فراهم ڪيو ويندو جڏهن ??ه ان سان گڏوگڏ هائوسنگ سيڪٽر ۾ به 60 ارب رپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن. فيصل آباد ۾ صحافي ڪالوني قائم ڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ان سلسلي ۾ سمري منظوري جي لاءِ موڪلي وئي آهي ۽ فيصل آباد جي سمورن صحافتي گروپن گڏيل طور تي حقيقي ورڪنگ جرنلسٽس جي جيڪا حتمي فهرست تيار ڪري ڏني هئي ان ۾ شامل سمورن صحافين کي جلد صحافي ڪالوني ۾ پلاٽ الاٽ ڪيا ويندا ٻئي طرف اسان ڪامياب جوان پروگرام ۾ به صحافين جو حصو رکي رهيا آهيون تنهن ڪري صحافين کي ان مان به فائدو کڻڻ گهرجي.